رضائي خشڪ جو مقام مقبرو

رضائي خشڪ جو مقام/ مقبرو: هي قبرستان ۽ مقبرو ضلعي دادو ۾ واقع آهي. هيءُ مقبرو ۽ قبرستان دادو شهر کان پنجن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي دادو ڪئنال جي الهندي شاخ وٽ 26º 46' 23″ ڊگريون اتر ڊگهائي ڦاڪ 67º 47' 23″ ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هن وقت قبرستان گهاٽي ٻيلي ۾ بدلجي ويو آهي، قبرستان ٻن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ ڦهليل آهي. مقام جي وچ تي هڪ وڏو مقبرو آهي، جنهن جي ڇت تي بنا نيل جي گنبذ ٺهيل آهي، جيڪو خسته حال آهي، چوڌاري اڏاوت کي پانيل ڏنل آهن. هر هڪ ڪنڊ کان هڪ خوبصورت برجي ڏنل آهي، هر دروازو ونگن سان اوڀر ۾ ڏنل اٿس. هن مقبري جي نسبت جي ڄاڻ نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو